اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني ۽ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ناڻي واري وزير اسحاد ڊار طرفان سينيٽ ۾ نيوڪليئر پروگرام بابت بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسحاد ڊار سينيٽ جي فلور تي نيوڪليئر پروگرام بابت ٻيان ڇو ڏنو؟ هن سوال اٿاريو ته ڊار صاحب ناڻي جو وزير آهي، وضاحت ڏئي ته هن اهڙو بيان ڇو ڏنو؟
شاهه محمود قريشي چيو ته مريم نواز ۽ راڻا ثناءُ الله ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا جيڪي پي ٽي آءِ کي پابندي مڙهيل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
پيپلزپارٽي جي رضا رباني به اسحاق ڊار جي بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.