دڙو (ن ع آ) سجاول ضلعي سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ رمضان ميمڻ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناليواري وڪيل امر جماڻي ميمڻ معرفت سيڪريٽري هيلٿ ڊپارٽمينٽ، ڊي جي هيلٿ حيدرآباد ۽ ڊي ايڇ او سجاول سميت لاڳاپيل عملدارن کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سجاول ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ٿيندڙ ڪروڙين رپين جي مبينا ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تعلقا اسپتال ميرپور بٺورو ۾ جعلي ملازمن ۽ دوائن جي نالي تي ٿيندڙ مبينا ڪرپشن سميت تعلقا اسپتال سجاول ۽ جاتي جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ۽ ڪلارڪن پاران مبينا ٿيندڙ ڪرپشن جا مختلف تفصيل سيڪريٽري هيلٿ ۽ ٻين کي موڪليا ويا آهن، ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ رمضان ميمڻ پاران صحت کاتي جي اختيارين کي ليگل نوٽيس ڏيندڙ وڪيل امر جماڻي موجب سمورين تعلقہ اسپتالن ۾ بدترين ڪرپشن ڪئي وئي آھي، جنھن جا سمورا ثبوت صحت کاتي جي اختيارين سميت نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر کي موڪليا ويا آھن، اميد تہ شفاش جانچ ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي صورت ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.