سانگھڙ (رپورٽ محمد حسين بلوچ ) سانگهڙ ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف سانگھڙ ۾ ايس ٽي پي سانگھڙ جي سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاجي مظاھرو نعري بازي اڳواڻن عبدالجبارجوڻيجو سليم رضاڏاھري انساني حقوق جي اڳواڻ عبدالغفار نظاماڻي جماعتي اسلامي جي ظھير جتوئي رشيد راجپوت ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گڏيل اتحادي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي, حڪومت جي غلط پاليسين ۽ هر آئي ڏينهن تيل, گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي سبب ملڪي معيشت تباھ ٿي چڪو آهي, مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو حڪومت جي ناڪام هئڻ جو پختو ثبوت آهي. هنن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروگاري جي ڪري روز مره ڪمائي پيٽ پاليندڙ غريب مزدور ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ماڻهو فاقا ڪٽڻ تي مجبور ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته هڪ پورهيت جيڪو ڏهاڙي 600 روپيا ڪمائي ٿو اهو اٽو ڀاڄي گيھ توڙي ٻيون .