ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفا ڀٽو زرداري پنهنجو 29 هون جنم ڏهاڙو ملهايو.ان موقعي تي آصفا ڀٽو زرداري کي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن، ويجهن دوستن ۽ سوشل ميڊيا صارفين مبارڪون ڏنيون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڀيڻ کي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون جڏهن ته بختاور ڀٽو زرداري به يادگار تصويرون جاري ڪندي ڀيڻ کي مبارڪون ڏنيون .