سيوهڻ ڀرسان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪيس داخل

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) ھڪ ڏينهن اڳ سيوھڻ ڀرسان نئينگ ٿاڻي جي حد ۾ پٿر هڻي نوجوان اسد علي نوحاڻي کي قتل ڪرڻ وارو  واقعي جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ غلام مصطفيٰ ولد رجب نوحاڻي جي فرياد تي  6 جوابدارن خلاف نيئنگ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن ۾ سڄڻ نوحاڻي، علي گوهر، صدر نوحاڻي، مراد نوحاڻي، يعقوب نوحاڻي ۽ اڪبر نوحاڻي شامل آهن، داخل ڪرايل ڪيس ۾ مقتول جي ڀاءُ غلام مصطفيٰ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان جو ڪيس ۾ ڄاڻايل مخالف جوابدار ڌر سان زمين جي دنگ تان  تڪرار هلندڙ هو ۽ اسان جوابدارن سان ڪونه ڳالھائيندا آهيون جنهن تي جوابدار  اسان سان ظلم ڪري منهنجي ڀاءُ اسد کي پٿر ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ڪو جوابدار گرفتار ڪري نه سگهي آهي. ٻئي طرف نئينگ شريف پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن جي چوڻ موجب قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جوابدارن جي گرفتاري  لاءِ ڪوشش جاري آهن ۽ جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.