ڪراچي ۾رٽائرڊ ملازمن جو پنڌ مارچ، حقن تي ڌاڙا برداشت نه ڪيا ويندا: اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن جي تنظيم گريوا ليڊيز وانگر پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ثريا ميمڻ جي اڳواڻي ۾صفيا ميموريل اسڪول ڪراچي کان قائد اعظم جي مزار ڀرسان قائم پ پ جي ڊويزنل آفيس تائين  پيادل مارچ ۽ مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي صفيا ميموريل هال کان شروع ٿي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ رٽائرڊ  عورت ملازمن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙ جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي سندن مطالبن جي مڃتا بابت نعرا ۽ مطالبا لکيل هئا، ريلي ۾ شامل عورتون نعريبازي پڻ ڪري رهيون هيون. ان کان اڳ ۾ گريوا ليڊيز ونگ جو هڪ اجلاس خاتون اڳواڻ ثريا ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ گريوا اڳواڻ ديدار علي سيخ، گل محمد، علي مراد پيرزادو ۽ ٻين پڻ خصوصي شرڪت  ڪئي، ثريا ميمڻ چيو ته رٽائرڊ ملازمن جي حقن تي ڌاڙا برداشت نه ڪيا ويندا، جنهن قوم جو مائر ڀينر حقن جي حاصلات لاءِ پيرسني ء ۾ روڊن تي مارچ مظاهرا ۽ احتجاج ڪنديون هجن انهن حڪومتن کي ڪير به عزت جي نگاهه سان ناهي ڏسندو، پينشن، بينيئول فنڊ، انشورنس فنڊ جو اجراء، ۽ صحت ڪارڊ اسان جا قانوني حق ۽ مطالبا آهن، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هر محاذ ۽ فورم تي آواز اٿاريندا سين، سياسي قانوني ۽ اخلاقي طرح حڪومت وٽ جو جواز ڪونهي ته پيرسن ۽ رٽائرڊ محاذن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ويهي، هنن چيو ته اسان دمادم مست قلندر ڪري چڪا آهيون سوڀ اسان جي ٿيندي، ظلم جي ڪاري رات کٽڻي آهي ڀلي ڪير ڪيترو به ڪٺور دل يا ستمگر ڇونه هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.