اٽارني جنرل مقرر ڇو نه پيو ٿئي؟ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان جواب گهري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل جي مقرري ۾ دير جو نوٽيس وٺندي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڇو مقرر نه پيو ٿئي؟ قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائي.

جسٽس طارق محمود جهانگيري حڪم جاري ڪندي چيو ته اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو آرڊر 27 تحت نوٽيس وصول ٿي ويو آهي، اٽارني جنرل جي مقرري اڃا تائين ناهي ٿي سگهي.

عدالت چيو ته اٽارني جنرل جي عدم مقرري تي آرڊر 27 اي تحت عدالتي مدد نٿي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.