مشن پليجو جاري رکڻ جو اعلان، وفاق جون سنڌ سان زيادتيون وڌي ويون:اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽ: حسيب لطيفي) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ نامياري دانشور، قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو جي 93 ھين سالگرھه جي تقريب حيدرآباد جي مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي.

جنھن ۾ اياز لطيف پليجي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مظھر راھوجو، اشرف پليجو، روشن ڪنراڻي،سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، ھزار ناز ڪنراڻي، غلام علي کوساڻي ۽ ٻين رسول بخش پليجو جي سالگرھه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  رسول بخش پليجي جو مشن جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپهھ سالار ھو، رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ ثابت قدمي سان جوٽي ۽ اڻٿڪ جدوجھد ڪئي، رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو، ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بڻايو.

قومي عوامي تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته وفاق سنڌ سان انصاف نه پيو ڪري، سنڌ مان گئس نڪري ٿي پر سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ آھي.

هن چيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ عوام کي غلام بڻائڻ لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي، سنڌ ۾ عوام کي بدحال بڻايو پيو وڃي.هن چيو ته بلدياتي اليڪشن غير مقبول، غير جمھوري ۽ غير قانوني ھئي، ووٽ خريد ڪيا ويا ۽ ڪوڙا ٺپا ھنيا ويا، اسين اھڙي اليڪشن کي رد ڪريون ٿا.

اياز لطيف چيو ته سنڌ خطري ۾ آھي، ٻوڏ ستايل کليل آسمان ھيٺ سيءَ، بک ۽ بيمارين ۾ مري رھيا آھن، وزير ۽ ڪامورا اربين رپين جي امداد کائي ويا. هن چيو ته زرداري جي چوڻ تي قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت ڪميٽي جوڙي وئي آھي، پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ جا معدني وسيلا وفاق کي ڏئي 18 ھين ترميم تان ھٿ کڻي وئي آھي.

هن چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڌرتي ڌڻين کان پڇڻ کان سواءِ سنڌ بابت فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي غيرقانوني قرارداد پاس ڪئي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڪميٽين جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت تي حملا بند ڪري.

سندس چوڻ هوته سنڌ جو عوام پنھنجي وحدت جي بقا لاءِ بيدار آھي، پيپلزپارٽي ٻيھر 5 سال اقتدار وٺڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي، سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ سازشون ڪري رھي آھي.

هن وڌيڪ چيو ته قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي، جيڪا ڪشمور کان ڪراچي تائين مارچ ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي للڪاري ٿي.

ڪنوينشن کي روشن ڪنراڻي، مظھر راھوجو، اشرف پليجو، انور نوحاڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، زينت سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.