مونجهارن ۾ ڦاٿل ماڻهو ۽ سياستدانن کي چونڊن جي تڪڙ

گل بيگ چانگ

ملڪ ۾عام چونڊن جو آخري سال شروع ٿيڻ سان ئي ملڪي سياستدان ھڪ ٻئي کان سياسي پلاند وٺڻ واري ڪرت کي لڳي ويا آھن عوام جي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جي کين ڪابھ ڳڻتي نھ رھي آهي، پنجاب صوبي ۾ ھڪ دفعو ٻيھر سياسي بحران پيدا ٿيڻ لڳو تازو پنجاب جي وڏي وزيرپرويز الاھي پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي ٽوڙي سمري گورنر ڏانھن موڪلڻ واري تصديق ٿي وئي آھي ۽ گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ کان جواب ڏنو آهي پنجاب اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي وئي آھي تنهنڪري هو نگران سيٽ ا پ  آڻي يا ڪو ڪو ٻيو آپشن آچي سگھي ٿو. نگران حڪومت قائم ٿيڻ جي ٺيڪ ٽن مھينن اندر عام چونڊون ڪرائي سگھجن ٿيون انھي ڪري ملڪ جي سياست ۾ ٻيھر ھلچل مچي وئي آھي جڏھن تھ  پنجاب جي وڏي وزير پرويزالاھي جي اعتماد واري ووٽ وٺڻ کان اڳ نوازليگ طرفان باربار اھي بيان سامھون ايندارھيا تھ اسان سان پي ٽي آءِ جا ڪجهھ ميمبر گڏ آھن چوڌري پرويز الاھي کي ھر صورت ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو نواز ليگ ان ھوڏ تي برقرار ھجڻ واري دعويٰ ڪندي رھي پر اوچتو اتحادي (ق) ليگ توڙي پي ٽي آءِ جا گڏيل 186 ميمبر پنھنجي ووٽ جو استعمال ڪري پرويز الاھي کي اعتماد جو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ واري عمل کانپوءِ نواز ليگ توڙي اتحادي پي ڊي ايم کي ڏندين آڱريون اچي ويون جنھن بعد اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو ردعمل سامھون آيو۽ ھو پارٽي ميمبرن توڙي اتحادين تي سخت ڪاوڙجو اظھار ڪندي نظر آيو ڇو تھ راڻا ثناءُالله جيڪو گھرو وزير آھي وري عدم اعتماد وارن ووٽن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو چوندو رھيو آھي. ھوڏانھن نواز ليگ جي سربراھ ميان نواز شريف پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ تي رابطو ڪندي کين گڏيل لائحه عمل جوڙڻ جھڙيون تجويزون ڏنيون ۽ ورتيون ويون آھن جنھن ۾ آصف علي زرداري قانوني طريقي سان ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آھي. ڇو تھ عمران خان واضح چئي چڪو آھي تھ  حڪومت ۾  ويٺلن سان ڳالھيون نھ ٿيون ٿي سگھن صرف ھڪ ئي حل آھي تھ چونڊن ڪرايون  وڃن جڏھن تھ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بعد پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۾ اجلاس گھرائي  پنھنجي اتحادي ميمبرن جي صلاح مشوري  بعد خيبرپختونخواھ صوبي جي يقينن اسيمبلي ٽوڙي ويندي تھ پوءِ ٻيو شھبازحڪومت کي ڪھڙو آپشن رھندو. ڇو تھ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف کي ھڪ اشاري ۾ چيو آھي تھ ھن کي بھ اعتماد جو ووٽ ھاڻي وٺڻو پوندو ڇاڪاڻ تھ حڪومتي ميمبر توڙي پي ڊي ايم جي اتحادي پاريٽين جا اڳواڻ چوندا رھن ٿا تھ ھڪڙي ماڻھو جي چوڻ سان چونڊون نھ ٿيون ڪرائي سگھجن تھ پوءِ صوبن ۾ گورنر راڄ جو آپشن موجود آھي. گورنر راڄ قائم ٿيندو تھ پوءِ ملڪ يقينن وڌيڪ بحرانن جي ور چڙھي ويندو۽ جمھوري ادارا ٻيھر ڏکاين جي ور چڙھي ويندا پر ملڪ مان مھانگائي ڏينھون ڏينھن وڌي ويندي ۽ ملڪي حالتون وڌيڪ خراب  ٿي سگھن ٿيون ڇو تھ اسان جي ملڪ جا سياستدان پنھنجي انا کي ڇڏي ڪري ملڪ جي ڀلي لاءِ سوچين اھو ھنن لاءِ ناممڪن بڻيل آھي ڪرسي جي حوس ايتري تھ  ملڪي سياستدانن جي اندر ۾ گھر ڪري وئي آھي  جو ھو ھر ڳالهھ تي  بھ ضد بڻجي ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ واري سياست کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي ڏٺا وڃن ٿا.

اسان جو خوشحال ملڪ جيڪو ايٽمي طاقت رکڻ سان گڏو گڏ ڪوئلي جي کاڻ ۽ گئس سميت  ٻيون اڻ کٽ نعمتون پيدا ڪري ٿو انھي  جا ماڻھو غربت واري لڪير ۾ وڪوڙجي ويا آھن ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ڪري غريب ماڻھن کي اٽي جي ھڪ ڪلو لاءِ دربدر ڪيو پيو وڃي اسان جي ملڪ جي سياستدانن اڃان تائين ملڪي بحرانن مان سبق نھ سکيو آھي توڙي جو مسلم ملڪ ھجڻ باوجود اسان جي مٿان ڪا مصيبت برپا ٿئي ٿي تھ  ملڪ ڏيوالي طرف وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو انھي جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا، انھي پاسي اسان جي ملڪي سياستدانن ڪڏھن ٿورو بھ سوچيو نھ ھوندو. ڇاڪاڻ تھ  تازين برساتين سبب ٻوڏ سنڌ جي ماڻھن جي جيڪا حالت ڪئي آھي انھي تي ٻين ٻاھرين ملڪن کي افسوس ۽ ڳڻتي وڌيڪ ٿي آھي.

تازو عالمي برادري جيڪا پاڪستان جي مدد ڪئي آھي اربين روپيا فنڊ ڏئي رھي آھي انھن پيسن جي خرچن ڪرڻ توڙي غريبن کي اجھا آباد ڪري ڏيڻ لاءِ ڪڏھن سياستدانن ڪا پلانگ يا سوچ  نھ ڪئي آھي ھنن سياسي اڳواڻن کي رڳو ويڙھ ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آھي ڪڏھن اسيمبلين ۾ اجلاسن دوران ھڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪئي ويندي آھي ته ڪڏھن پريس ڪانفرنس ذريعي ھڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ ڳالھايا ويندا آھن اھڙي سياسي عمل ڪرڻ سان ٻاھريون قوتون اسان جي مٿان کلي مذاق وارو ماحول پيدا ڪن ٿيون  پر اھي ملڪ جي ترقي لاءِ نٿا سوچي سگھن. ڇو تھ ملڪي سياستدانن غريب عوام کان ڪوڙن آسرن ۽ دلاسن تي ووٽ وٺي وڃي ايوانن تائين پھچن ٿا پر عوام جي مجبورين ضرورتن جي ڪڏھن بھ پورا نھ ڪئي ويندي آھي لھن سياسي پارٽي جي سياسي ڇڪتاڻ سبب ملڪ ۾ ڪرپشن توڙي مني لانڊرنگ جھڙا وڏا وڏا اسڪينڊل سامھون ايندا رھيا آھن ڪيترائي ڪيسزعدالتن ۾ ھاڻي بھ ھلندا رھن ٿا جيڪي ملڪي ناڻو لٽيندا رھن ٿا انھن خلاف عوام کي  آواز اٿارڻ گھرجن تھ جيئن ملڪ جا پيسا واپس اچي سگھن پر سياسي ماڻھن تي ڇڏڻ سان انھن لاءِ اھو سڀ ڪجهھ ٺيڪ آھي ڇاڪاڻ تھ  پئسو چوري ڪندڙن کي ڪڏھن بھ قانوني طور تي سزا نھ ملي سگھي آھي جنھن سبب ملڪ جي ايندڙ حڪومتن ۾ ڪرپشن جا اسڪينڊل اڀري وري لھي يعني ختم ٿي ويندا آھن ڇو تھ غريب ماڻھو اٽي جي ڪلو جي چوري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو تھ انھي کي قانون نپوڙي ڇڏي ٿو ملڪ جو ناڻو چوري ڪندڙ وڏا چور آزاد ٿي ويندا آھن.

ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ پي ٽي آءِ توڙي پي ڊي ايم  جي لڳل سياسي جنگ ڪنھن جي حق ۾ فتح ڪري ٿي ۽ ايندڙ چونڊن کي سامھون رکڻ توڙي ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ھنن وٽ ٻي ڪھڙي حڪمت عملي ھوندي تھ ھو انا کي ڇڏي ڪري سمورين پارٽين جو سياسي اتحاد قائم ڪري ملڪ کي ڏيوالي جھڙي صورٽ حال مان ڪيئن ڪڍي سگھن ٿا ڇاڪاڻ تھ پي ڊي ايم جي ڪلھن تي جيڪو بار وڌو ويو آھي.

ڏسون تھ اتحادي پي ڊي ايم انھن پريشانين کي ڪيئن منھن ڏئي سگھي ٿي ڇو تھ ملڪي حالتون نين چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ کڻي نھ ھجن پر پوءِ بھ اسان جي ملڪ جا سياستدانن اليڪشن ۾ وڃڻ جا خواھش مند ضرور ڏٺا وڃن ٿا ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي ڪنھن جي ٿيندي اھا سياسي پارلياماني پارٽين کي پنھنجي طرفان پڪ سمجھي ويندي آھي جيڪو وقت گھڻو پري نھ آھي ھاڻي وري نواز ليگ سربراھ ميان نواز شريف ۽ پارٽي جي سينيئر نائب صدر مريم نواز ڏيھه اچڻ جي تيارين ۾  آھن جيڪي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا سانباھا ڪري رھيا آھن ڇوتھ ميان نواز شريف پارٽي ڪارڪنن کي پنجاب ۾ چونڊن جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ھوڏانھن چونڊون وڙھڻ لاءِ جي ڊي اي جي اتحاد ۾ جلال محمود شاھ جي پارٽي بھ شامل ٿي چڪي آھي ڏسجي تھ اڃان ٻيا ڪيترا چونڊ اتحاد سامھون اچي سگھن ٿا پر ملڪي عوام جيڪو مھانگائي واري عذاب مان گذري رھيو آھي اھو ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنھن کي سوڀارو ڏسڻ چاھي ٿو انھي وقت جو انتظار سياسي اڳواڻن کي ڪرڻو پوندو، جيڪي سمورن عوامي اھنجن کي ڦٽو ڪري صرف ھڪ ئي موقف تي ڄمي بيٺل آھن تھ چونڊن جو اعلان ٿيڻ کپي .

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.