پاڪستان ۾ گئس هر صورت ۾ مهانگي ٿيڻ گهرجي: مصدق ملڪ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر صورت ۾ گئس جا اگهه وڌڻ گهرجن.

سينيٽ ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته حڪومت گهريلو نيٽ ورڪ ۾ واڌ تي گئس کوٽ سبب پابندي لڳائي، پاڪستان ۾ گئس جي قيمت نه وڌائي.

هن چيو ته ماڻهن تي واڌو بار نه وڌو ويو پر اهو بار ناڻي تي خزاني تي پئجي رهيو آهي، گئس جا واڌو ڪنيڪشن ايل اين جي تي ڏئي سگهون ٿا، جيڪا گهڻي مهانگي آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 3200 ايم ايم سي ايف ڊي پيداوار آهي، 1400 ايم ايم سي ايف ڊي گئس بجلي ۽ ڀاڻ ٺاهڻ ۾ ويندي آهي، باقي سڄي ملڪ لاءِ 1600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس استعمال ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.