ٽنڊو الهيار ۾ هندو نياڻي جي مبينا اغوا ۽ زبردستي شادي ڪرائڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

ٽنڊوالھيار ( رپورٽ : حسرت لغاري ) مبينا طور شھر جي ابراھيم ڪالوني جي رھواسڻ 15 سالن جي نينگري شويتا بند مورو مينگهواڙ جي بازيابي لاءِ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ مردن. عورتن ۽ ٻارن ايڊووڪيٽ راٰءِ چند. اجو لال. پپو بدرو. موھن. مسمات جيواني ۽ ويري جي قيادت ۾ ڪيل مظاھري کان پوء ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شويتا ننڍي عمر جي آھي جنھن جي شادي غير قانوني آھي ۽ کيس ھٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته اسين پرامن سنڌ واسي آھيون ۽ اسان جي مذھب جي نياڻين سان ٿيندڙ اھڙي ورتاء کي روڪي انصاف ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ 8 ڏينھن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي تي اھڙي رپورٽ به درج ڪرايل آھي پر پوليس اڃا تائين ڪجھ نه ڪيو آھي. ھنن آء جي سنڌ. ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.