عمران خان مُلڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ گهري ٿو؟

تحرير: امتياز عالم

جي ها! عمران خان ”سڀني جا“  ڇڪا ڇڏائي ڏنا آهن. جڏهن کان ھن کي، عدم اعتماد جي ووٽ ذريعي وزارت عظميٰ تان لاٿو  ويو آهي، تڏهن کان هو هڪ ڏينهن ،هڪ لمحو به چين سان ناھي ويٺو،هر روز هڪ نئين چال سياات تي ڇانيل رھيو آھي،سياسي ماحول جي لوهھ کي ھن خوب  گرم رکيو  آھي۽ ھر ھنڌ تي مترڪو ھڻندو ھلندو رھيو ۽ سندن سياسي مخالف معاشي گھيرن ۾ ڦاٿل  هڪ لاچار حڪومت سان ھر ايندڙ ڏينھن ملڪ تي سنڀالڻ جي  غير عوامي  ڪوششن جي ھٿان بي لذت گناھھ  سان بي مزي ٿيندا رھيا.

حڪومت ان ڳڻتي ۾ ٻڏل رھي  ته ملڪ ڊفالٽ نه ٿي وڃي ۽ عمران خان ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ تھ ملڪ جا ڇڪا ڇڏائجي وڃن تھ ڀلي ھن کي ڪا پرواھ ناھي، ھو پنھنجن ڇڪن سان ملڪ جا ڇڪا ڇڏائيندو ويو. پھرين تھ ھن اھڙو خوفناڪ سياسي بيانيئو گھڙيو جو نوجوان نسل آپي کان ٻاھر نڪري ھن سان گڏ ٿي ويو ۽ سياسي مخالفن جي ھوا نڪري وئي ۽ عمراني سيازش جو گرھھ بڻجندا ويا،ان وچ ۾وزيراعظم شھبازشريف جي اچڻ وڃڻ وارو تاثر نھ رڳو ڦڪو بڻجي ويو بلڪھ ھو ھڪ متبادل جي طور تي سياسي ليڊر طور اڀري نھ سگھيو.ڪجھھ اھڙو ئي بلڪھ ان کان بھ برو حشر سندس صاحبزادي حمزاشھباز جي ڪجھھ ڏينھن جي وڏي وزارت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور پنجاب اسيمبلي ۾ رھيو، جتي ھو پير جھلي نھ سگھيو.

اھڙي صورتحال ۾ وزير داخلا راڻا ثناالله بس رڳو مڇين کي ڏيندو رھجي ويو.لڳي ٿو تھ پنجاب ۾ مسلم  ليگ ن جي سيٽي، نوازشريف ۽ مريم نواز جي غيرموجودگيءِ ۾ گم ٿي رھجي وئي.عمران خان جو سياسي بيانيئو جڏھن ھلڪو ٿي ويو تھ ھو ٻيھر چورن خلاف پراڻي بيانيئي تي ھليو ويو ۽ پروپئگيبڊا وار فيئر ۾ ڪنھن جي پلئھ ۾ ڪجھھ نھ ڇڏيو. ايتري تائين جو ھن پنھنجي مٿان پلي بواءِ ھئڻ جي الزام کي ”قبول“ ڪندي جنسي محرومي جي شڪار عوام جي تسڪين ڪري ڇڏي.

عوامي نفسيات سان کيڏڻ جي مھارت  رڳو پاپولسٽ ليڊرن ۾ ھوندي آھي.جنهن جو ڪپتان به خوب مظاهرو ڪري ڏيکاريو،مسلم ليگ  جو چھنڊڙيون ۽ ليڪس وارن جون شرليون جو ڪجھھ بھ بگاڙي نھ سگھيون.عمران سياسي اقتدار جي جدوجهد ۾ ڪنھن بھ حد تائين وڃي سگهي ٿو، هن پنهنجي سمورن حريفن کي آڱريون چٻائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

 

هن پنجاب جي وڏي سياسي دنگل ۾  جيترا رائونڊ ٿيا مسلم ليگ (ن) کي هر رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪيو، چاهي اهي ضمني چونڊون هجن، جنهن ۾مسلم ليگ (ن) جي ڪلهن تي سوار هئي ھن جي پارٽي جا لوٽا ھئا يا پنجاب اسيمبليءَ ۾ اعتماد جي ووٽ تي مسلم ليگ (ن) جي ڀت تي لکيل شڪست هجي. خان صاحب ن ليگ کي سندس ئي پچ تي ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون اهي خالي سيٽون ئي هيون، جن تي عمران خان پنهنجي واپسي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو، يا وري پنجاب اسيمبليءَ ۾ پنهنجي اڪثريت برقرار رکي سگهيو ٿي، ان ۾ سندس سڀ کان وڏي سھڪاري مسلم ليگ (ن) جو غير حاضر خانداني قيادت هئي.

هاڻي اچون ٿا عمران خان جي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ واري آخري جوئا ڏانهن. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين ٽوڙڻ  سان هن هڪ وڏو پارلياماني خلا پيدا ڪيو ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هن قومي اسيمبليءَ تان استعيفيٰ ڏئي پارليامينٽ کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو.

هاڻي سوال ھي آهي ته ڇا ايندڙ نوي ڏينهن ۾ ٻن صوبن پنجاب ۽ پختون خواهه جي اسيمبلين جون نيون چونڊون ٿينديون ۽ قومي اسيمبلي ۽ ٻين صوبائي اسيمبلين جون چونڊون آگسٽ ۾ هنن اسيمبلين جي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ ٿي سگهنديون يا ڌريون ڪنھن سمجھوتي تي پھچي سگھنديون ؟  آئيني طور تي ٻن مرحلن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي ڪا به روڪ نه آهي ۽ نھ ئي عبوري حڪومت جي قيام ۽ مدت بابت ڪو  ابهام نه آهي. پر عمران خان ٻن اسيمبلين کي ختم ڪري سياسي بحران کي آخري حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

هاڻي، اتحادي حڪومت طرفان ۽  ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل امدادي رقم ۽ آءِ ايم ايف سان ممڪن معاھدي بابت ڪيتري بھ دلجاءِ ڏيندي رھي، سياسي بحران سڀني جي تڏا ويڙھ ڪري ڇڏيندو.

جيڪڏهن صدر وفاق ۾ به وزيراعظم کان اعتماد جي ووٽ جو مطالبو ڪري ٿو ته پوءِ اهو بحران موجوده ٽٽل پارلياماني فريم ورڪ کي ٽوڙي سگهي ٿو. ٻن ووٽن تي اٽڪيل وفاقي حڪومت ڪنهن به وقت ڊهي سگهي ٿي.

جيڪڏهن مقتدر طاقت حڪمران وقت سان گڏ بيٺي هجي ها ته نھ تھ پنجاب اسيمبلي ٽٽي ها ۽ نھ ئي وفاق کي ڪو خطرو هجي ها. اها به عمران خان جي وڏي ڪاميابي آهي ته هن فوج کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ سياست ۾ ان جي غير جانبداري ھن جي سٺي ڪم آئي آهي. سڀ کان وڌيڪ نازڪ سوال جنھن جي قطعي  عمران خان ڪا به پرواهه ناهي ته جيڪڏهن سياسي بحران وڌيو يا وفاقي حڪومت لوڏن ۾ اچي وئي ته عالمي برادري ۽ عالمي ادارا پاڪستان ۾ ڪنھن سان  رجوع ڪندا؟ يا اها حڪومت جيڪا ڪجهه هفتن ۾ گهر هلي ويندي اها آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جو بار پنهنجي مٿي تي ڇو کڻندي؟ هاڻي تھ اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ سبب عمران خان به اتحاد جي حوالي سان تاثر پيدا ڪري رهيو آهي. تھ اھي چونڊن کان ڀڄي رھيا آھن.

نتيجي ۾، ٻنهي صورتن ۾، پاڪستان مڪمل طور تي ڏيوالو ٿي سگهي ٿو. پر عمران خان کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي، هو چاهي ٿو ته جلد کان جلد وزارت عظميٰ حاصل ڪري، چاهي اهو ڏيوالو پاڪستان جو هجي. عمران خان کي ايتري جلدي ڇو آهي؟ ان جو هڪ سبب اهو خوف آهي ته هو سياست مان نااهل ٿي ويندو ۽ ٻيو اهو خوف آهي ته سندس مقبوليت جي لهر شايد گهڻي دير تائين نھ برقرار رھي سگهي. تنهن ڪري، ھو  هر رڪاوٽ ۽ هر ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو آ.

اھا معاشي ايمرجنسي ۽  پنجاب ۽ پختون خواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري سگهي ٿي. هوءَ اهو به جواز پيش ڪري سگهي ٿي ته نئين آدمشماري جا نتيجا اپريل ۾ پڌرا ڪيا ويندا ته  جولاءِ/آگسٽ تائين ان مطابق تڪ بنديون ڪيون وينديون ته جيئن چونڊون آڪٽوبر ۾ ئي ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اهو آئيني موقف هوندو ۽ آخرڪار معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويندو. اھا ڇا فيصلو ڪري ٿي ، خدا ڄاڻي.

چونڊون تھ ٻن مرحلن ۾ بھ ٿي سگهن ٿيون يا جون/جولاءِ تائين نئين لسٽن ۽ نئين تڪبندين موجب بھ ٿي سگهن ٿيون بشرطيڪ سياسي مخالف  ڪجهه لچڪ ڏيکارين. پر جيڪڏهن سياسي قوتن ۾ چونڊن جي شفافيت ۽ آزاد نوعيت تي  سمجھوتو نه ٿي سگهيو، ته پوءِ ايندڙ چونڊون به تڪراري بڻجي وينديون ۽ سياسي بحران جاري رهندو. ۽ جيڪڏهن ان دوران ملڪ ئي تباهه ٿي ويو ته ڇا اسان جي تقدير جا آخري منصف .ڇا روم جي سڙڻ تي بانسري وڄائيندا رهجي ويندا ؟ سياسي قوتن کي هوش کان ڪم وٺڻ گھرجي ،پنهنجي ۽ آئيني نظام جي قبرن کي کوٽڻ کان پاسو ڪيو وڃي. عمران خان کي سوچڻ گهرجي ته هو جمهوريت جو گورڪن بڻجڻ وڃي رهيو آهي يا ڪجهه ٻيو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.