ڇا ڪارو لوڻ عام لوڻ کان وڌيڪ فائديمند آهي..؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارو لوڻ ته اوهان ڏٺو يا ان جو نالو ٻڌو ئي هوندو ڇو ته اهو پاڪستان ۾ عام ملندو آهي.

ان جو ذائقو انوکو هوندو آهي جيڪو مختلف پڪوانن جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيندو آهي چيو ويندو آهي ته اهو صحت لاءِ به فائديمند آهي.

پر ڇا اهو واقعي عام لوڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحت بخش آهي؟

اهو ڄاڻي وٺو ته ڪاري لوڻ جا ڪيترائي قسم آهن پر هماليا جو ڪارو لوڻ سڀ کان عام آهي جيڪو پاڪستان، بنگلاديش، نيپال ۽ هماليا جي ٻين علائقن  ۾ موجود لوڻ جي کاڻن مان ڪڍيو ويندڙ جابلو لوڻ آهي.

اوهان اهو به ڄاڻي وٺو ته ان جو نالو ڪارو لوڻ آهي پر هماليا جي ڪاري لوڻ جو رنگ ڀورو گلابي هوندو آهي.

اهو عام لوڻ کان مخلتف ڪيئن آهي؟

اهو لوڻ جيئن مٿي ٻڌايوسين ته جابلو لوڻ آهي جنهن ۾ روايتي طور تي جڙين ٻوٽين ۽ مطالحن کي ملايو ويندو آهي ۽ پوءِ گھڻو گرم ڪيو ويندو آهي، پر اڄ ڪالهه ان کي تيار ڪرڻ لاءِ ان ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ، سوڊيم سلفيٽ، سوڊيم BISULFATE  ۽ فيبرڪ سلفيٽ کي ملايو وڃي ٿو.

ان جي ڀيٽ ۾ عام لوڻ گھڻو پراسيس ۽ ريفائين هوندو آهي يعني گھڻا معدنات ذرڙا ڪڍيا ويندا آهن.

مختلف ذاقو

ڪاري لوڻ جي مختلف قسمن جو ذائقو به عام لوڻ کان مختلف هوندو آهي، جنهن جي خوشبو به انوکي هوندي آهي جيڪو پڪوانن جي خوشبو کي بهتر بڻائيندو آهي.

عام لوڻ جو ذائقو نمڪين هوندو آهي پر ان ۾ هلڪي مٺاڻ، تکاڻ يا تلخ ذائقي کي به محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ اهو لوڻ جو اهو قسم آهي جيڪو مختلف پراسيس جي کاڌن جي تياري ۾ استعمال ٿيندو آهي.

امڪاني طبي فائدا

ڪاري لوڻ جي ڪيترائي طبي فائدا ٿي سگھن ٿا جيئن ان ۾ عام لوڻ جي ڀيٽ ۾ سوڊيم جو مقدار گھٽ هجي ٿو جڏهن ته ان ۾ ايڊيٽو جي سطح به گھٽ هجي ٿي.

جيتوڻيڪ ان ۾ عام لوڻ جي ڀيٽ ۾ سوڊيم جو مقدار گھٽ هجي ٿو ته اهو اهڙن ماڻهن لاءِ امڪاني طور تي سٺو آپشن ٿي سگھي ٿو جيڪي هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار هجن يا لوڻ جو استعمال گھٽ ڪرڻ چاهيندا هجن، چيو ويندو آهي ته گھڻي لوڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر وچ ۾ واسطو آهي.

غير تصديق طبي دعوائن موجب ڪاري لوڻ ۾ معدنيات جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي پر ان حوالي سان گھڻي تحقيق نه آهي، ائين به مڃيو ويندو آهي ته اهو لوڻ هاضمو بهتر ڪري سگھي ٿو، جڏهن ته گيس ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کان به رليف ڏياريندو آهي، پر ان حوالي سان تحقيق جي ضرورت آهي.

معدنياتي عنصر سبب ڪارو لوڻ امڪاني طور تي جلد ۽ وارن جي صحت کي بهتر بڻائي سگھي ٿو، پر ان حوالي سان به تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو جو ان حوالي سان هن وقت تائين گھڻو ڪم ناهي ٿيو.

ڇا ڪارو لوڻ عام لوڻ کان وڌيڪ صحت بخش آهي؟

ڪاري لوڻ ۾ معدنياتي عنصر جو گھڻو مقدار امڪاني طور تي ان ڪري گھڻو اهم نه آهي ڇو جو اسان جو جسم ان کي سٺي طريقي جذب ناهي ڪري سگھندو جڏهن ته هڪ ئي وقت ۾ گھڻي گھٽ مقدار ۾ لوڻ جو استعمال هوندو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.