برسات پاڪستان لاءِ رحمت بڻجي وئي، آسٽريليا يقيني فتح کان محروم

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي.

سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم ۽ فخر زمان اننگز جي شروعات ڪئي پر پهرين ئي اوور جي ٻئي بال تي فخر زمان کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، ان کانپوءِ حارث سهيل به 4 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ غير ذميواراڻي شاٽ کيڏندي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو.

ان موقعي تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪپتان بابر اعظم سان گڏجي ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ 33 بالن تي 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: راند ۽ سياست کي ڌار رکڻ گھرجي: بسما معروف

آصف علي ۽ بابر اعظم ڪريز تي موجود هئا ته برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب ميچ کي روڪيو ويو ۽ ٻيهر راند شروع ٿي ته امپائر ميچ کي 15 اوورن تائين محدود ڪري ڇڏيو.

برسات بيهڻ کان پوءِ راند شروع ٿي ته آصف علي پنهنجي اسڪور ۾ رڳو هڪ رنس جو اضافو ڪرڻ کان پوءِ 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته عماد وسيم پهرين ئي بال تي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو.


پاڪستان بابر اعظم جي 59 رنسن جي مدد سان مقرر 15 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهيون پر ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت آسٽريليا کي ڪاميابيءَ لاءِ 119 رنسن جو هدف مليو.

آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ ۽ رچرڊسن ٻن – ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

جواب ۾ آسٽريلوي اوپنرن ڊيوڊ وارنر ۽ ايرون فنچ ٽيم کي بهترين شروعات فراهم ڪئي ۽ 3.1 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان تي 41 رنسون ٺاهيون ته ٻيهر برسات شروع ٿي وئي ۽ ميچ کي روڪيو ويو.

مسلسل برسات سبب امپائرن ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي ريت ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي ويو.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 5 نومبر تي ڪينبرا ۾ کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.