رپورٽ: ڪوٽڙي: ڪمشنر حيدرآباد جي دوري بعد ڪهڙا نڪتا نتيجا؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪوٽڙي: ڪمشنر حيدرآباد جي دوري بعد ڪهڙا نڪتا نتيجا؟ تفصيل هن رپورٽ ۾
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪوٽڙي: ڪمشنر حيدرآباد جي دوري بعد ڪهڙا نڪتا نتيجا؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

حيدرآباد جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ پاران ڄامشوري ۾ سنڌو درياءَ جي بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

ڪمشنر حيدرآباد ڪوٽڙي بئراج، المنظر، ڪرم پور اڙل هيڊ، بڊو جبل ۽ درياءَ جي ٻين حفاظتي بندن جي دوري بعد آبپاسي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي.

گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪمشنر حيدرآباد کي بچاءُ بندن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي محمد عباس بلوچ هدايت ڪئي ته سنڌو درياءَ جي بندن تي موجود جهنگلي ٻوٽن، گاهه وغيره کي فوري طور تي ڪٽي صاف ڪري درياءَ جي بندن تي لانڍيون ۽ جهگيون ٺاهڻ واري عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي

ڪمشنر حيدرآباد ٽائون آفيسر ڄامشورو کي هدايت ڪئي ته پاڻي ڪڍڻ واري سموري مشينري ۽ ٻيو گهربل سامان تيار رکيو وڃي ته جيئن ضرورت موجب ڪم ۾ اچي سگهي……………….

 

You might also like