عمران خان جهڙي جهانگير ترين سان ڪئي تهڙي باجوا سان، هو احسان فراموش آهي: پي ڊي ايم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله هڪ ڀيرو وري پنهنجي توپن جو رخ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن ڪري ڇڏيو.

پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جنهن جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا عمران خان کي اقتدار تائين پهچايو هي اڄ کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي محسن سان به اِها ڪارِ ڪري رهيو آهي جيڪا هن جهانگير ترين سان ڪئي.

هن چيو ته عمران خان جهانگير ترين کي بيليسنگ ايڪٽ تحت نااهل ڪرايو، هن پنهنجن محسنن کي ڏنگيو.

پي ڊي ايم ترجمان چيو ته عمران خان جهڙي آئين ٽوڙيندڙ، احسان فراموش قوم جي قيادت جي لائق ناهي، ڏينهن رات رياست مدينا جو ڀاشڻ ڏيڻ وارو عمران بي حيائي جي تصوير بڻجي چڪو آهي.

حافظ حمد الله وڌيڪ چيو ته عمران خان وزيراعظم ته ڇا وزيراعظم هائوس جي اڳيان گذرڻ جي لائق به ناهي رهيو، وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ سان عمران جي ڪاري ڪردار کي اڇو اجرو نٿو ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.