
پشاور ( ويب ڊيسڪ ) توهين مذهب جي الزام ۾ قتل ڪيل مشال خان جي والد اقبال خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي ۾ سزا يافته ۽ بري ٿيندڙ جوابدارن خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون. اقبال خان طرفان مشال خان قتل ڪيس جي فيصلي تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ بيئرسٽر عامر خان ذريعي 3 اپيلون داخل ڪيون ويون. عدالت ۾ داخل پهرين اپيل اي ٽي سي عدالت مان بري ٿيندڙ اظهار ۽ صابر جي بريت خلاف آهي جڏهن ٻيون ٻه اپيلون عمر قيد ڪاٽيندڙ عارف ۽ اسد ضياءَ خلاف داخل ڪيون ويون آهن. انهن درخواستن ۾ ڏوهاري عارف ۽ اسد ضياءَ جي عمر قيد کي موت جي سزا ۾ تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي جڏهن ته بري ٿيندڙ جوابدارن جي بريت کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.