مالي اسڪينڊل ۾ الزام ثابت نه ٿيڻ تي 23 سالن بعد آزادي نصيب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ايم سي بي ۾ خرد برد ۽ اختيارن جو غير قانوني استعمال  ڪرڻ واري ڪيس ۾ سزا  خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت بئنڪ جي ڪيشيئر ڪامران مرزا کي 23 سالن کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي جوابدار تي الزام ثابت نه ڪري سگهيو.ڪامران مرزا تي 1999ع ۾ 63 لک رپيا خرد برد ڪرڻ جو الزام هنيو ويو جڏهن ته  ٽرائل عدالت کيس 2011ع ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.