شادي پلي ويجهو نينگر سم نالي ۾ ڪري فوت

شادي پلي (ن ع  آ) شادي پلي ويجهو نوجوان سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي وي، ڪافي ڳولا باوجود لاش هٿ اچي نه سگهيو. ديھه  نيو کپري واسي پورهيت ڌرمون ڀيل جو 16 ورهين جو پُٽ اتمون ڀيل پير ترڪڻ سبب مين سم نالي ۾ ڪري ٻڏي ويو، پوليس، مقامي ڳوٺاڻن ۽ وارثن جي ڳولا باوجود لاش نه ملي سگهيو، مڙهه نه ملڻ سبب سندس وارث پريشان ٿي ويا. وارثن موجب نوجوان ذهني مريض هو، هنن اختيارين کان لاش جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.