بلڙي واسي پورهيت کي ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻ قيد ڪري ڇڏيو، وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

بُلڙي شاهه ڪريم(رپورٽ احسان علي انصاري) ڪمائڻ خاطر ڪراچي ويندڙ پنجاھ سالا پيرسن اسماعيل لاشاري ڪراچي جي سيٺ  افغاني پٺاڻ هٿان کنڀجي قيد ٿي ويو،  اسان جي مڙس کي ڪم  سانگي گھرائي قتل ڪيو ويو آهي ٻن زالن جو احتجاج اعليٰ اختيارين مڙس جي بازيابي جي لاءِ گُھر، تفصيل موجب بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان ڳوٺ عبدالله لاشاريءَ جو رھواسي پنجاھ سالا پيرسن اسماعيل لاشاريءَ کي ڪراچي جي بااثر ماڻھن نالي جميل مشتاق قائم خان پاڻ وٽ گھرائي بعد ۾ ٽي مھينن کان مبينا قيد ڪري ڇڏيو، انھي سلسلي قيد ٿيندڙ شخص جي ٻن زالن مسمات( زينب لاشاري ) مسمات (زيبو لاشاري) پنهنجي پنج ٻارن ياسمين، فرزانا، پروين، زينت ۽ نثار کي گڏ کڻي مقامي صحافين آڏو روئندي چيو ته گذريل ٽي مھينا پھريان اسان جي ور کي ڪراچي جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ کان نالي جميل مشتاق قائم خان پٺاڻ ڪم جي بھاني گھرايو جيڪو ھتان وڃڻ بعد اسان سان ٽي ڏينھن فون تي رابطي ۾ رھيو انھي کان پوءِ ھن سان اسان ڪافي ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر رابطو نه ٿي سگھيو انھي مسئلي کي ٽي مھينا گذري ويا مگر اسان جو گھر وارو واپس گھر نه پھچي سگھيو نيٺ اسان ھن جي ڳولھا لاءِ ڪراچي جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ تي انھي سيٺ وٽ پھتاسين جڏھن اسان مٿان ڄاڻايل پٺاڻن کان پنھنجي مڙس بابت پڇا ڪئي ته ھنن چيو اسان اوھان جو مڙس مارائي ڇڏيو آهي ۽ اسان کي ھنن ڌمڪائيندي چيو ته توھان به ھتان ھينئر ئي ھليا وڃو ٻي صورت ۾ اوھان کي به قيد ڪري ماري ڇڏينداسين ، ھنن چيو اسان جي گھر ۾ ڪمائڻ وارو به ھڪ فرد ھو جيڪو ڪراچي جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ افغاني پٺاڻن يا ته مارائي ڇڏيو آهي يا قيد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا معصوم ٻچڙا رات ڏينھن بکون ڪاٽي پنھنجي والد لاءِ روئي رڙي رھيا آھن، ھن چيو تہ اسان جي پوئيواري ڪرڻ وارو بہ ڪير ناھي اسان ٻہ مجبور عورتون اڪيلي سر خالي ھٿن ڪجھ بہ نٿيون ڪري سگھون ، ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آھي تہ سندن مڙس جي بازيابي لاءِ ساڻن مدد ڪري کين پريشانيءَ کان بچايو وڃي ۽ مٿان ڄاڻايل بااثر ماڻهن مٿان ايف آئي آر درج ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.