حيدرآباد ۾ سڙي زخمي ٿيل پيرسن عورت فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ پيرسن عورت پرسرار نموني سڙي زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. پڪي قلعي واري علائقي ۾ پيرسن عورت پراسرار نموني گهر ۾ سڙي زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. فورٽ ٿاڻي جي  پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سول اسپتال مان  وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او فورٽ موجب فوتي عورت 65 ورهين جي رئيسا زال نور محمد يوسفزئي بابت سندس پٽ جو چوڻ آهي ته هن مبينا طور پاڻ کي باهه ڏيئي آپگهات ڪيو آهي. سندس والده شروعاتي طور باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي, جنهن کي علاج لاءِ انهن سول اسپتال منتقل ڪيو. جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.