صدر ڀلي سال مشورا ڪري، سمري تبديل نه ٿيندي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته صدر کي صلاح مشوري لاءِ  هڪ سال به لڳي وڃي، سمري تبديل  نه ٿيندي، ڪو ڪنهن جو فيورٽ ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته صدر کي آئين جي حدن ۾ر هڻو پوندو، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪئي ته کيس نتيجا ڏسڻا پوندا، کيس پنهنجو حلف پڙهڻ گهرجي، فوج سان هن جو جيڪو رشتو آهي، سمري هلي وئي ته 27 تاريخ تي رٽائر ٿيندڙ جنرل متاثر نه ٿيندو،ان حوالي سان فيصلو جلد ٿي ويندو، ڪو به سبب ناهي ته صدر سمري ۾ دير ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.