حڪومت ۽ شگر مل مالڪن ۾ ڳالهيون ناڪام، کنڊ برآمد جي اجازت کان انڪار

اسلام آباد( م ڊ) حڪومت ۽ شگر ملز مالڪن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. حڪومت کنڊ پرڏيهه موڪلڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير طارق بشير چيما جي اڳواڻي ۾ سرڪار ۽ شگرملز ايسوسئيشن ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومت کنڊ جو وڏو ذخيرو هجڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ طارق بشير چيما چيو ته شگر ملز ايسوسئيشن موجوده ذخيري بابت ناهي ٻڌايو، سنڌ ۾ 40 سيڪڙو ڪمند گهٽ لهڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته شگر ملز مالڪن ذخيري بابت آگاهه نه ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.