مرضي جي آرمي چيف لاءِ لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

سکر(رپورٽر) پي ڊي ايم سربراھ ۽ جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته آرمي چيف جي مقرري معمول جو عمل آھي جيڪو  آئين موجب مڪمل ٿيندو. مولانا فضل الرحمان اھي ڳالھيون جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ عبدالقيوم سومرو جي سکر ۾ واقع رھائش گاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيون. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ فرلانگ مارچ بڻجي چڪو آھي، لانگ مارچ اسان به ڪيا آھن، اسان ڪراچي کان شروع ٿي سکر کان ٿيندي ٻن کان ٽن ڏينھن ۾ اسلام آباد پھتاسين. پر ھنن جو خبر ناھي ڪھڙو لانگ مارچ آھي اسان جي لانگ مارچ ۾ نه ڪو رستو بند ٿيو، نه ٽريفڪ بلاڪ ٿي ۽ 15 ڏينھن اسلام آباد ۾ رھڻ باوجود ڪا به ڀڄ ڊاھ نه ٿي. هن چيو ته اسان فتنه حڪومت کي ڪڍي ٻاھر ڪيو، ڇو جو اڳوڻي حڪومت ملڪ جي معيشت تباھ ڪري ڇڏي، ان کي واپس پنھنجي پيرن تي بيھارڻ، معيشت بھتر ڪرڻ طرف موجودا حڪومت سفر ڪري رھي آھي. آءِ ايم ايف اھم حيثيت رکي ٿي، تنھن ڪري ان جي ڪليئرنس کانسواءِ ڪو به اڳتي نٿو وڌي سگھي. ھن چيو ته اسان جون چين سان ڪاميابي سان ڳالھيون ھلي رھيون آھن، روس سان معاھدو ڪرڻ وڃون پيا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏجي ويھڻو پوندو، ھن چيو ته جيستائين عمران خان سياست ۾ آھي وڊيو ليڪ جيسي گند ۽ غلاظت ايندي رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.