اشتهار لاءِ ثانيا مرزا جي پهرين رقص واري وڊيو وائرل

مشهور ٽينس اسٽار ثانيا مرزا تازو پنهنجي اڪائونٽ تان هڪ اشتهار جي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن کي مداحن پاران گهڻو شيئر ڪيو ويو آهي ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا ويا آهن.

عليحدگي جي خبرن تي خاموش رهندڙ جوڙي شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪم بابت متحرڪ آهن.

ڀارتي ايڊورٽائزمنٽ ۾ هڪ فوم جي گدي تي پرسڪون ننڊ واري وڊيو ۾ ثانيا مرزا کي ڏسي سگهجي ٿو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sania Mirza (@mirzasaniar)

فوٽو اينڊ وڊيو شيرنگ ايپ تي ثانيا مرزا وڊيو پوسٽ جئي جنهن ۾ هوءَ رقص ڪري رهي آهي.  ڪيپشن ۾ هن لکيو ته پهريون ڀيرو هن ڪنهن ڪمپني لاءِ اهڙي قسم جو اشتهار ڪيو آهي جنهن ۾ هوءَ نچي ٿي پر کيس گهڻو مزو آهي.

ثانيا جي وڊيو تي سندس دوست ۽ ڪوريوگرافر فرح خان لکيو ته هن کيس سيکاريو به سٺو آهي.

ٻئي پاسي مداح ثانيا ۽ شعيب پاران سندن خانگي زندگي بابت ڄاڻڻ لاءِ پريشان آهن پر ٻنهي شخصيتين خاموشي اختيار ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.