قطر ۾ فٽبال جو عالمي ميلو شروع، رنگ نکري آيا

دوحا (م ڊ) قطر ۾ رنگ برنگي تقريب سان فٽبال ورلڊ ڪپ 2022 جو افتتاح ٿي ويو. قطر جي شهر الخور جي البيت اسٽيڊيم ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ عربي ثقافت جا رنگ پيش ڪيا ويا. افتتاحي تقريب جي باقاعدي شروعات کان اڳ هڪ وڊيو ۾ سمنڊ اندر وهيل ۽ شارڪ مڇين کي تَرندي ڏيکاريو ويو، جڏهن ته تقريب جي شروعات تي اٺ ۽ فنڪارن رقص ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ناليواري بالي ووڊ اداڪار مورگن فري مين اميد، اتحاد ۽ برداشت جو پيغام ڏنو، ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن جي جهنڊن سان به فنڪارن پرفارمنس ڏني، پوءِ ورلڊ ڪپ فٽبال جو آفيشل ميسڪوٽ ميدان ۾ آندو ويو. ڏکڻ ڪوريا جي جڳ مشهور ميوزڪ بينڊ بي ٽي ايس جي سنگر جونگ ڪوڪ قطر جي ناليواري فنڪار فهد الخوبيسي سان گڏ ورلڊ ڪپ جي آفيشل گاني ڊريمرز تي پرفارم ڪيو. قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ورلڊ ڪپ جي باقاعدي شروعات جو اعلان ڪيو، قطر جي امير جي خطاب کانپوءِ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. فيفا ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به شريڪ ٿيو، اسٽيڊيم ۾ شوقينن جو وڏو انگ موجود هو.  . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.