اهڙو ڳوٺ جتي ٻارن کي موبائيل هلائڻ تي سزا ملندي !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي جتي تازو هڪ قانون ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ننڍڙن ٻارن کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي سزا ڏني ويندي.

ايوت محل شهر جي ڳوٺ بنسي جا رهواسي پنهنجن ٻارن جي موبائيل فون جي وڌيڪ استعمال سبب پريشان آهن.

ڳوٺاڻن تي مشتمل ڳوٺ ڪائونسل مسئلي جو حل ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن موجب 18 سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار موبائل فون استعمال ڪندي نظر آيو ته ان کي 200 رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

ڪائونسل جي هڪ ميمبر چيو ته اسان کي خبر آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد ڏکيو هوندو پر ان سان ضرور فرق پوندو.

اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ٻار ​​فيصلي بابت ڇا چوندا هوندا پر ڳوٺ جي اڪثريت ان جي آجيان ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.