اٺاويهين ايف آءِ تيار ڪئي وئي آهي: حليم عادل شيخ جي گهر تي چڙهائي جي دعويٰ

اٺاويهين ايف آءِ آر تيار ڪئي وئي آهي، ڊڄڻ وارو ناهيان، حليم عادل شيخ جي گهر مبينا پوليس ڪاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي

حليم عادل شيخ جي ترجمان چيو ته پوليس بنا ڪنهن وارنٽ جي گهر ۾ گهري ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس اٽالن ٻه ڀيرا گهر تي ڪاهه ڪئي آهي، ڪاروائي دوران حليم عادل شيخ گهر ۾ موجود نه هو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن حليم عادل شيخ جي ڪٽنب کي حراسان ڪيو، سنڌ حڪومت جي چوڻ تي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي خلاف هر آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اسان خان صاحب جا رانديگر آهيون، اسان جهڪڻ وارا ناهيون.

ٻئي پاسي حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس منهنجي خلاف اٺاويهين ايف آءِ آر تيار ڪري ورتي آهي، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، مافيا جو ڄمي مقابلو ڪندس

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.