نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلافن جا افواهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  نئين آرمي چيف جي نالي تي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلافن جا افواهه هڪ ڀيرو ٻيهر پکڙجي ويا آهن.

نامياري صحافي موجب اسٽيبلشمينٽ حڪومت جي نامزد ڪيل سينيئر جنرل جي نالي تي خدشا ظاهر ڪيا آهن. ڇو ته هو 27  نومبر تي رٽائر ٿيڻو آهي ان کي آرمي چيف مقرر ڪري ملازمت مدي ۾ 3 سال واڌ ڏيڻ تي به خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. اهو به اعتراض اٿاريو ويو آهي ته سينيئر جنرل ڪاڪول  اڪيڊمي مان آيل ناهي هو منگلا جي آفيسرز ٽريننگ اسڪول مان آيو آهي، جڏهن ته نصاب ٻنهي جو ساڳيو آهي.

جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪي ايم عارف به منگلا جي آفيسرز ٽريننگ اسڪول مان پڙهي آيل هو، فور اسٽار جنرل طور وائيس چيف رهيو هو.نواز شريف کي لنڊن ۾ عمران خان جي لانگ مارچ جو ڊپ به ڏنو ويو پر نواز شريف پنهنجي موقف تي ڄي بيڍل آهي، شهباز شريف کي پڻ نه گهٻرائڻ جو چئي ڇڏيو آهي.

نوٽ: اسد طور جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-16 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.