ڪنري ڀرسان گھر تي حملو، ننڊ ستل نوجوان قتل

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ڀرسان هٿياربندن گھر تي حملو ڪري ننڊ ستل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينھن فجر مهل ڀڏو ڪپري ۾ موٽر  سائيڪل سوار ٻن ھٿياربندن محرم ڪپري جي گھر تي حملو ڪري سندس نوجوان پٽ 25 سالن جي نادر علي ڪپري کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، نوجوان کي مڙھ کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، اطلاع تي ڪنري پوليس ۽ ڪپري برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ اسپتال پھچي ويا. مقتول نوجوان جي پيءُ محرم ڪپري الزام ھنيو ته نوحاڻي برادري جي ماڻھن پراڻي تڪرار تان حملو ڪري منھنجي پٽ کي قتل ڪيو آھي. مقتول نوجوان شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ ھو، ذريعن موجب جوابدار نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد پنھنجي موٽرسائيڪل ويجھي علائقي ۾ ڇڏي ويا، جيڪا پوليس پنھنجي حراست ۾ وٺي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.