ڪراچي ۾ ھمدرد يونيورسٽي جي شاگردن جو انتظامي نااهلي ۽ پاليسين خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ھمدرد يونيورسٽي شعبي قانون جي سوين شاگردن جو يونيورسٽي سٽي ڪيمپس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو جاري آھي مطالبا نه مڃڻ تائين شاگردن پاران جدوجھد جاري رکڻ  جو اعلان  ڌرڻي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن سان لاڳاپيل اڳواڻن به شرڪت ڪئي، شاگردن ڳالھائيندي چيو ته ڪيتري ئي وقت کان ھمدرد يونيورسٽي انتظاميا سازشون رٿي شاگردن کي مختلف حربا ھلائي حراسان ڪندي اچي پئي، اھو ئي سبب آھي ته انتظامي نااھلي ۽ تعليم دشمن پاليسين سبب ڪيترائي شاگرد ٽرانسفر وٺي ادارو ڇڏي چڪا آھن، ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي يونيورسٽي انتظاميا ٽرم بيڪ ۽ ڪڪ آئوٽ پاليسين جي آڙ وٺندي اداري مان ڪڍي ڇڏيو آھي، جنھن سبب ھي احتجاج انھيءَ شاگرد دشمن روايت خلاف ٿي رھيو آھي. شاگردن مطالبا رکندي چيو ته لا فيڪلٽي ھمدر يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل اھو  نوٽيفڪيشن قطعي قبول نه ھوندو جنھن ۾ 13 شاگردن کي اداري مان جبري نيڪالي ڏني وئي آھي. شاگردن کي نيڪالي وارو عمل غير آئيني ۽ سراسر شاگرد دشمن  عمل آھي. پاڪستان بار ڪائونسل جي جوڙيل قانون ۽ ضابطن کي حقيقي انداز ۾ نافذ ڪيو وڃي  شاگردن کي پيپرز ۾ اپيئر ٿيڻ لاء ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي تحت سمر سيميسٽر کي بحال ڪري شاگردن کي پيپر ۾ ٻيھر اپيئر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي. شاگردن کي انتظاميا طرفان حراس ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.