رتوديرو ۾ بنگل ديرو جي آبادگارن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف هاءِ وي تي ڌرڻو

رتوديرو   ( رپورٽ: طفيل ساريو ) رتيديري ڀرسان بنگلديرو جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو،  جنهن سبب مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ پڻ بند ٿي وئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويو ٽريفڪ بند ٿي وڃڻ سبب مسافرن کي پڻ سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو مظاهرين پاڻي ڏيو جا نعرا پڻ هنيا ويا ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي محمد فاروق، حاجي الهورايو سومرو ، نذير ڀٽو ، محمد ملوڪ ، محرم علي شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته وارھ ڪئنال بئراج ۾ هٿ وٺي پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب ساريون سڪي رهيون آهن هنن چيو ته جڏهن کيرٿر ، رائين ڪئنال  ۽ دادو ڪئنال تارون تار وهي رهيا آهن ته پوءِ وارھ بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي هڪ ته برساتي پاڻي زمينن ۾ بيهجي وڃڻ سبب پوکيل ساريالو فصل تباهه ٿي ويو ٻئي طرف جيڪو فصل بچيل آهي ان لاءِ وري پاڻي نه پيو ڏنو وڃي جنهن ڪري اهو به سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيو آهي اسان جا پوکيل ساريالا فصل سڙي سڪي تباه ٿي رهيا آهن پر لاڳاپيل انتظاميا انهن جي بچاءِ لاءِ وارھ ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿي ڪرائي هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان کي پاڻي ڏئي اسان جا فصل بچايا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.