بک ۽ بيمارين جي ور چڙهيل ٻوڏ متاثرن جو ازالو ڪير ڪندو؟

حسن جان سومرو

Hunger is not an issue of charity. It is an issue of justice. Jacques Diouf

جڳ مشھور ليکڪ جيڪ ڊيوف ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آھي ته ”بک خيرات جو مسئلو ناھي،اھو انصاف جو مسئلو آھي“ بلڪل ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناھي ته جيڪڏھن دنيا ۾ انصاف ھجي ته ڪو به ماڻھو بک نه مري، ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان نه ھجي،پر افسوس ان ڳالهه جو آھي ته ايترا سارا وسيلا ھوندي به ماڻھو ھڪ ويلي لاءِ پريشان آھن. پوئتي پيل سماجن ۾ بک ان ڪري آھي ته  انصاف ۽ برابري تاريخ جي ڪنھن گمنام گھٽين ۾ گم ٿي ويا آھن. انصاف ۽ برابري جي نه ھجڻ ڪري ماڻھن مان انسانيت نالي عظيم شئي گم ٿي وئي آھي. شيخ اياز ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي ھئي ته ”سدا آھي ساھ کي ڳڀي جي ڳولھا، ڍوء بنا ڍولا ناھي ساڃاھ سونھن جي“.

واقعي ۾ اھا حقيقت آھي ته جڏھن پيٽ خالي ھوندو آھي ته دنيا جي خوبصورت کان خوبصورت شيء به ناھي وڻندي. ڇاڪاڻ ته خالي پيٽ سمھڻ وڏو انساني الميو آھي، ھي ھزارين معصوم ٻار جيڪي ٻوڏ جي پاڻي کان ته بچي ويا پر ھي بک وگھي مري رھيا آھن. سندن خيمن ۾ اڀ ڏاريندڙ رڙيون جيڪي وقت جي حڪمرانن جي ڪنن تائين نٿيون پھچن،پر خدا جي در تي ضرور پھچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته حڪمران طبقو بي حسي جي عالم ۾ مست آھي، عوام جي دردن تڪليفن جو ڪير به ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.عالمي امداد غريبن لاءِ ناھي پر وڏيرڪي طبقي جي عياشين لاءِ آھي. عوام جي غريبي ، بک بدحالي کين نظر نٿي اچي.ڇاڪاڻ ته اھي ساڳيا حڪمران عوام جو کٽيو کائين ٿا. پر پوءِ به عوام سان ٿيندڙ نانصافي لاءِ ڪير به ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.

گڏيل قومن جي صحت واري اداري جي سربراھ خبردار ڪيو آھي ته ٻوڏ کان پوءِ ٻي وڏي تباھي جي جيڪا گھنٽي وڄي رھي آھي،اھا وبائي بيمارين جي صورت ۾ ظاھر ٿي رھي آھي. جيڪا آفت واٽر بارن بيمارين جي صورت ۾ آڏو آئي آھي. گڏيل قومن جي سربراھ ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو آھي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ، ۽ واٽر سپلا لائينون تباھ ٿيڻ ڪري ماڻھن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مھيا ناھي. جيڪو ھڪ وڏو انساني الميو آھي. ايڪھين صدي ۾ ماڻھن وٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناھي. جنھن ڪري ڪالرا  ۽ چمڙي جو ٻيون بيماريون ڦھلجي رھيون آھن. ھن پنھنجي ٽوئيٽ بيغام ۾ چيو آھي ته  بيٺل پاڻي جي ڪري مليريا، ۽ ڊينگي تيزي سان پکڙبيون رھيو آھي. برساتي ٻوڏ سبب صحت مرڪز پڻ متاثر ٿيا آھن. جنھن جي ڪري متاثر ماڻھن جي علاج ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن. تقريبن 2000 صحت مرڪز مڪمل طور تباھ ٿي چڪا آھن. صحت جي عالمي اداري پاران مصيبت يافته ماڻھن جي سھڪار لاءِ ھنگامي بنيادن تي 10 ملين ڊالرز جاري ڪيا ويا آھن. ان کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اھا آھي ته سنڌ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ چيو آھي ته 2.5 ملين مريض مختلف ميڊيڪل ڪيمپن ۾ علاج ھيٺ آھن.

سنڌ ڊاريڪٽوريٽ جنرل ھيلٿ سروسز جي انگ اکرن موجب چمڙي جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو تعداد، 594،241، ڊائريا (534،800) مليريا (10،702) ڊينگي (1،401) جا مريض آھن. ان کان سواء متاثر ماڻھو ٻين ڪيترين ئي وبائي بيمارين ۾ مبتلا آھن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 90،398 مريضن جو علاج ڪيو ويو آھي،جنھن ۾ 17،919 ڊائريا، 19،746 چمڙي جي بيمارين ، 695 مليريا جا ۽ 388 ڊينگي جا ڪيسز رپورٽ ٿيا. اسپتالن جي حالت ايتري خراب آھي جو دادو ضلعي جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر ڪريم ميراڻي مطابق اسپتالون مريضن سان ڀرجي وڃڻ سبب ھڪ بستري تي پنج ٻارن کي داخل ڪيو پيو وڃي.!!!

ان کان وڌيڪ افسوس ۽ شرم جي ڳالهه ڪھڙي ٿيندي ته سنڌ حڪومت وٽ ايتري ساري سالياني بجيٽ ھجڻ باوجود صحت مرڪزن جو بنياد نه وجھي سگھي، جيڪي قائم آھن انھن ۾ صحت جو ڪي به سھولتون ميسر ناھن.جڏھن ته 122 صحت مرڪز مڪمل طور تباھ ٿي چڪا آھن،ان کانسواءِ 950 سرڪاري اسپتالون، ڊسپينسريون، ۽ صحت مرڪز آھن، جيڪي ٻوڏ جي بيٺل پاڻي سبب ڪي به سھولتون مھيا نه ڪري رھيا آھن. انھن سھولت مرڪز مان ميرپورخاص سڀ کان گھڻو متاثر ٿيو آھي، جنھن ۾ 65 صحت مرڪز مڪمل طور تباھ لڳا پيا آھن، سکر ۾ 14 ، حيدرآباد ۾ 22 لاڙڪاڻي ۾ 13 جڏھن ته شھيد بينظيرآباد ۾ ست صحت مرڪز سخت متاثر ٿيا آھن. ان کان وڌيڪ خراب حڪمراني جو مثال ڪھڙو ملندو ته سنڌ جي 22 ضلعن جو مواصلاتي نظام ، درھم برھم ھجي سنڌ جي 500 ڳوٺن جي بجلي ڪيترن ئي ھفتن کان غائب ھجي ، صحت جو نظام مڪمل طور تباھ ھجي. ھتي ڳالهه رڳو قدرتي آفت جي ناھي،پر اسيمبلي ۾ موجود انھن چونڊيل حڪمرانن جي آھي، جيڪي ڪنھن قدرتي آفت کان گھٽ ناھن،جيڪي قدرتي آفتن کان به اڳ ۾ اسان جي انفرااسٽرڪچر.

اسان جي صحت گھرن، اسان جي تعليمي ادارن جي تباھي جا ذميوار آھن. جيڪڏھن ھنگامي بنيادن تي ڪي اپاء وٺڻا آھن ته پھرين انھن جو احتساب ڪرڻ سڀني جي زميواري آھي.ڇاڪاڻ ته خراب حڪمراني سبب سنڌ ٻڏي آھي. قدرتي آفت کان اڳ ۾ انھن چونڊيل نمائدن سنڌ کي ٻوڙيو آھي.

ان کان سواءِ سنڌ جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته نوشھرو فيروز سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل علائقو آھي،جتي 725،000 کان وڌيڪ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن،جيڪي ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي پنھنجا گھر خالي ڪري چڪا ھئا.جنھن کان پوءِ پيپلز  پارٽي جي ڳڙھ لاڪاڻي جو نمبر آھي جتي 422،993 ماڻھو بي گھر آھن، جيڪي ضلعي جي ڪل آبادي جو 36 سيڪڙو کان به وڌيڪ آھن. ان مان صاف ظاھر آھي ته خراب حڪمراني جي ڪري ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن. ھاڻي ان سموري صورتحال کان پوءِ انھن متاثر ۽ بي گھر بيمار بکايل ماڻھن جو ازالو ڪير ڪندو؟ ڇا چونڊيل نمائندا ايتري اھليت رکن ٿا جيڪي ھن ھٿرادو آفت مان عوام کي ڪڍي سگھن.

The worst evils which mankind has ever had to endure were inflicted by bad governments.

سماجي ۽ معاشي ماھر ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آھي ته بدترين برائيون جيڪي انسانيت کي برداشت ڪرڻيون پونديون آھن،اھي خراب حڪمراني سبب آھن.

تاريخ جي ھن بدترين دور ۾ سنڌ جو عوام انھن نمائندن کان پنھنجي بيزاري جو اعلان ڪندو يا آفت ٽري وڃڻ کان پوءِ کين وري اوطاقن جي زينت بڻائي کين اسمبلي تائين پھچائيندو ،ان جو جواب بي گھر ،بي آواز ماڻھو ئي ڏئي سگھن ٿا،جن ڪڏھن به ظلم ۽ جبر جو احتساب ناھي ڪيو،پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آھي،تاريخ ثابت ڪيو آھي ته خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ لوڙھي رھي آھي جنھن جو ڪو والي وارث ناھي ته ان جو ازالو ڪير ڪندو ،ان ازالي جي قيمت متاثر ماڻھن کي ڀرڻي آھي. پر ان ڳالهه کي وسارڻو به ناھي ته ٻوڙيل ۽ تباھ ٿيل سنڌ جو ذميوار طبقو اھي چونڊيل نمائندہ ئي آھن. جيڪي اسان جي ووٽ جا محتاج آھن.

ايندڙ اليڪشن ۾ ان ڳالهه کي قطعي ناھي وسارڻو ته اسان جي ووٽ جا اصلي حقدار اھي آھن جيڪي اسان جي تڪليفن ڏکن پيڙائن جو ازالو ڪندا. ووٽ انھن جي ميراث ناھي جيڪي نسلن کان اسان کي ۽ سنڌ کي ٻوڙيندا اچن ٿا پر ووٽ انھن جو حق آھي جيڪي سنڌ کي پنھنجو سمجھن ٿا،سنڌ جي درد کي پنھنجو درد سمجھن ٿا. تاريخ ۾ فيصلا عوامي ھوندا آھن.عوام فيصلو ڪري ته سنڌ کي ھر سال جيان مصيب زده ڏسڻو آھي يا خوشحال ڏسڻو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.