ايل اي ڊي بلبن جي وڌندڙ استعمال ۾ انسانن لاءِ وڏو نقصان

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) اڪثر ملڪ گهٽ توانائي وارن ايل اي ڊي بلبن جو استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته ماضي ۾ گدلاڻ تي ڪيل تحقيقن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

سائنسدانن جي اڳواڻي ۾ هڪ نئين تحقيق ۾ برطانيه جي ايڪسيٽر يونيورسٽي ۽ ٻين پاران خبردار ڪيو ويو آهي ته هٿرادو نيري روشني جو استعمال انساني صحت ۽ ماحول تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي اڀياس ۾ سيٽلائيٽ ڊيٽا مناسب طور تي نيري، سائي ۽ ڳاڙهي روشني جي لهرن جي وچ ۾ فرق نه ڏيکاريو جڏهن ته هٿرادو روشني ۾ وڏي پئماني تي فرق ڏيکاريو ويو آهي.

هي هٿرادو روشني هاءِ پريشر سوڊيم لائيٽن کان وٺي LEDs تائين آهي جن مان وڏي پئماني تي نيرا شعاع نڪرن ٿا.

انهن نيرن شعاعن جو سڌي ريت واسطو انسان جي مختلف سيلز سان آهي جيڪي انسان جي عمر وڌڻ واري عمل کي تيز ڪري سگهن ٿا.

سڄو ڏينهن اهڙن شعاعن ۾ رهڻ سان ننڊ به متاثر ٿئي ٿي ۽ ڪيترائي ٻيا نقصان به ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.