ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تان جِي ڊِي اي ايم پي اي معظم عباسي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي مان جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊيل معظم علي خان عباسي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿيڻ تي احتجاجن ايم پي اي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

معظم عباسي جو چوڻ آهي تازين برساتن ۾ انتظاميا مڪمل طور پ پ جي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پ پ عوام کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ اڄ مشڪل دور مان گذري رهي آهي.

هن چيو ته موجودا صورتحال ۾ هو پاڻ کي عوامي نمائندو هوندي بيوس ڇاڪاڻ ته پنهنجي تڪ جي متاثر عوام جي بحالي لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان انڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان ۽ استعيفيٰ اسپيڪر ڏانهن اماڻِي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.