ڪامن ويلٿ گيمز: نوح دستگير پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو، وزيراعظم ۽ ٻين اهم شخصيتن پاران واڌايون

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ پاڪستان پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو.

پاڪستان جي نوح دستگير بٽ 109+ ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو.

نوح دستگير بٽ گڏيل طور تي 405 ڪلو گرام وزن کڻي اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

هن اسنيچ ۾ 173 جڏهن ته ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 232 ڪلو وزن کنيو.

نوح دستگير بٽ جي اسنيچ ۾ 173 جڏهن ته ڪلين اينڊ جرڪ ۾ 232 ڪلووزن جي لفٽس ڪامن ويلٿ گيمز جي 109+ ويٽ ڪيٽيگري جون رڪارڊ لفٽس آهن.

پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽڻ تي ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيوته ميڊل کٽڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو.

هن چيو ته پنهنجن جذبن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان، ستن ورهين کان گيم کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس، ايترو وزن کڻڻ سولو ناهي هوندو، ٻارانهن کان تيرنهن سالن جي محنت کانپوءِ اهو ممڪن بڻيو آهي.

سندس چوڻ هو ته گهر ۾ پيءُ ٽرننگ ڪرائيندو هو، منهنجو والد به عالمي ويٽ لفٽر هو جڏهن ته ڀاءَ به هن ئي فيلڊ ۾ آهي، پونئن ڀيري برانز ميڊل حاصل ڪيو هو پر هن دفعي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

حڪومت کي چوڻ جي ضرورت ناهي، مون پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، هاڻي هو ڪري ڏيکارين.

وزيراعظم طرفان ٽوئيٽ ۾ مبارڪون

وزيراعظم شهباز شريف ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ويٽ لفٽنگ ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي نوح دستگير کي واڌايون ڏنيون آهن.

وزيراعظم سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي لکيو ته ” ويل ڊن، بٽ صاحب “

بابر اعظم پاران واڌايون 

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪامن ويلٿ ميڊلسٽ لاءِ  خوشي جواظهار ڪيو آهي.

بابر اعظم انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پنهنجي سپر اسٽارز تي تمام گهڻو فخر آهي.

هن چيو ته اسان جي سمورا ايٿليٽس کي مناسب اسٽرڪچرل سپورٽ ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتن جي گهرج آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Babar Azam (@babarazam)

پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان ميڊل کٽڻ وارن لاءِ وڏن انعامن جو اعلان

پي ايس بي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ ميڊلز کٽڻ وارن قومي اٿليٽس لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي.

ڊي جي پي ايس بي ڪرنل رٽائرڊ آصف زمان جو چوڻ هو ته اٿليٽس قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيوآهي، ڪراچي ۾ ٻنهي رانديگرن کي فون ڪري واڌايون به ڏنيو ۽ سندن حوصلا بلند ڪيا.

ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو چوڻ هوته نوح بٽ لاءِ پنجاهه لک ۽ شاهه حسين لاءِ ڏهه لک رُپيا ڪيس جو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪو چاندي جو ميڊل کٽيندو ته کيس 20 لک رُپيا انعام طور ڏنا ويندا.

ڪرنل رٽائرڊ آصف زمان وڌيڪ چيو ته ڏيهه واپسي تي ميڊل کٽڻ وارن قومي ايٿليٽس جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو.

ياد رهي ته برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ نوح بٽ ويٽ لفٽنگ ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو جڏهن ته شاهه حسين پهلواني واري مقابلي ۾ ڪانسي جو ميڊل حاصل ڪيو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.