نئين گاج جون تباهه ڪاريون، لنگهه بحال نه ٿيا، صاف پاڻي جي کوٽ

جوهي (رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو  ) نئين گاج جي وهڪرن ڪاڇو ٻوڙن کان بعد 14 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪاڇي جي مرڪزي واپاري شُھر واهي پانڌي ،  ڊرگهه بالا ،  ڇني ،  ٽنڊو رحيم خان ،  پٽ گل محمد ،  قصبو ، ٽوڙ ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن جي وڏي آبادي رکندڙن جا لنگهه رستا اڃاتائين مڪمل بحال نه ٿي سگهيا آھن هزارين ڪاڇي واسي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار سينيٽ سميت ملڪ جي خيراتي  ڊونر ادارن جي آسري ويٺل آهن، راشن ٽئنٽ پيئڻ جو صاف پاڻي جو ڦڙو به امداد ملي ناهي سگهيو روز مره جو کاڌو به متاثرن کي بچي ويل سامان به مجبورن وڪرو ڪري پيٽ پوجا تي لڳائي ڇڏيو چونڊيل نمائندن مان ڪو به  ٻوڏ متاثرن جي  ڪنهن به هڪ علائقي جو دورو ناهن ڪري سگهيو، گذريل 4 ڏينهن اڳ ايم پي اي جوهي پير سيد صالح شاھ جيلاني جي خاص فرمائش تي ڪاڇي جي ڳوٺ سجاول آلکاڻي پهتو جتي دوري مان متاثرن کي ڪو به فائدو نه پهتو انتظاميه جي سامهون راشن جي ڦرلٽ ٿي وئي ڪنهن به هڪ حقيقي متاثرين تائين امداد جو هڪ داڻو به نه مليو ٻئي طرف يوسي واهي پانڌي جي بلدياتي اليڪشن جي نامزد چيئرمين اميدوار ايڊو ڪيٽ ايم يعقوب رستماڻي وائيس چيئرمين دودو برهماڻي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ظلم جي انتھا آھي جو هر سال نئين گاج گجگوڙ سان وهي اچڻ ڪري خوشحالي بجائي نقصان ڏئي ٿي مگر حڪمرانن جي غلط رٿا بندي ۽ ناقص پاليسين سبب اربين رپين جو نقصان پهچي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.