پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان مٿان 20 لک ڏنڊ ۽ ٻارڙي سڱ چٽي

ڏهرڪي(رپورٽ: اسد لغاري) ڏهرڪي ۾ ٽي مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مٿان 20 لک ڏنڊ ۽ اڍائي ورهين جي معصوم نينگري مبينا جرڳي ۾ ڏيڻ جي فتوا، نوجوان جي وارثن ڏنڊ ۽ نينگري ڏيڻ کان انڪار تي گهر تي مبينا قبضو، ڏهرڪي جي لعل بخش ڪالوني واسي سجاد چوهاڻ ۽ ناري صنم چوهاڻ ٽي مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن پريمي سجاد چوهاڻ جا وارث اصغر علي دلبر علي مائي صغرا ۽ ٻين عورتن سميت پريس ڪلب پهتا جتي هنن احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آھي ته اسان برادري جي وڏيري جمال الدين عرف جمعو چوهاڻ اوطاق تي گهرائي چيو ته توهان جو ٺاهه ڪرايان ٿو پر اوطاق تي ويهي هن اسان مٿان 20 لک ڏنڊ ۽ ٽن ورهين جي نينگري فضا بتول جو سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتوا ڏني انڪار ڪيو سين ته اسان جي گهر تي به قبضو ڪيو ويو آھي، اسان دربدر آھيون پر ناري جا وارث ۽ وڏيرا چون ٿا ڏنڊ ڀري ڏيو ۽ نينگري جو سڱ به چٽي ۾ ڏيو، نينگري جي ماءُ فوزيه چيو ته ڌيءُ کي زهر ڏيئي ڇڏينديس پر سڱ چٽي ۾ ڏينديس، هوڏانهن الزام هيٺ آيل جمال الدين عرف جمعو چيو ته مون تي الزام بي بنياد آھن مان اهڙو ڪوبه جرڳو ناهي ڪيو،ناري صنم جي پيءُ پريس ڪلب پهچي چيو ته سجاد منهنجو ڀائٽو آھي جيڪو منهنجي ڌيءُ کي زبردستي ورغلائي وٺي ويو آھي، باقي گهر تي قبضي جا الزام ڪوڙا آھن، منهنجو سجاد جي پيءُ ڏانهن قرض رهيل آھن تڏهن ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.