پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف منع ڪيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ اڳتي ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب سياسي جماعت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري موقعو ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن پارٽي جي حق ۾ دستاويز اچن ته اليڪشن ڪميشن فيصلو واپس وٺي  سگهي ٿي، شوڪاز نوٽيس جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن ريفرنس وفاقي حڪومت کي موڪليندي، پارٽي جا فنڊ ضبط ڪرڻ يا ان کي ٽوڙڻ جو اختيار وفاقي حڪومت جو آهي، وفاقي حڪومت ان جي جاچ ڪندي، غيرملڪي فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي وفاقي حڪومت پارٽي ٽوڙڻ جو ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪليندي، سپريم ڪورٽ وٽ حتمي اختيار آهي ته اها پارٽي ٽوڙڻ جو ڊڪليريشن منظور ڪري يا رد ڪري، سپريم ڪورٽ ڊڪليريشن منظور ڪري ته پارٽي ٽوڙي ويندي آهي ۽ ان جا سمورا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڊي سيٽ ٿي ويندا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ اتحادي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سمورا اتحادي سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪندا جڏهن ته پ پ جي خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ سياسي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ نويدقمر، مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله ۽ اياز صادق به شامل آهن، قانوني ڪارروائي لاءِ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قانوني ڪميٽي جوڙي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.