سنڌوءَ ۾ مسلسل چاڙهه، پريالوءِ جي ڪچي ۾ الرا جاگيربچاءَ بند وٽ پاڻي جو دٻاءُ، لڏپلاڻ

پريالوءِ(رپورٽ:صوبل اوڍو) سنڌودرياهه ۾ پاڻي مسلسل چاڙهه جو سلسلو جاري آهي ، درياهه ۾ پاڻي چاڙهه ڪري سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار هوڏانهن سکر بئراج وٽان پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ڪري پريالوءِ جي الراجاگير بچاءُ بند 4 ،  5 6 ميل وٽ پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ،  هوڏانهن الرا جاگير ،  فيض محمد ٻنڊو ،  صدرجون ڀٽيون ،  ڪنگري جي ڪچي واري علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي جنهن ڪري ڳوٺ ڪجلو خروس ، ڳوٺ مينگهو خروس ،  ڳوٺ شاهنواز خروس،ڳوٺ حسن ناريجو ،  ڳوٺ گل حسن منڱڻيجو ،  ڳوٺ ڀلي ڏنو سميت 15 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ سوين ايڪڙن ۾ پوکيل ڪرنگهه ،  جوئر ،  ووئنڻ ،  سبزي سميت ٻيون پوکون پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن،  هوڏانهن ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪچي مان لڏپلاڻ ڪري پڪي جي طرف اچي رهيا آهن هوڏانهن پريالوء آبپاشي عملدار الراجاگير بچاءُ بند جي زيرو پوائنٽ کان ناريجا لوپ بند تائين بچاءُ بندن ۾ پيل روڙون بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.