ڪوئيٽا ۾ لاپتا بلوچن جي وارثن جو 12هين ڏينهن به ڌرڻو

ڪوئيٽا(م ڊ) 11 فيبروري 2022ع جي رات جو لاپتا ٿيل ڪفايت الله بلوچ کي منظرعام تي آندو ويو، ڪفايت الله بلوچ پيشي جي لحاظ کان اسڪول ٽيچر آهي، جنهن وقت کيس کنڀيو ويو ان وقت سندس گهرواري ڳورهاري هئي، ان کانپوءِ ڪفايت الله جي گهرواري پنهنجي معصوم ٻار سميت سراپا احتجاج هئي، اطلاعن مطابق ڪفايت الله کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، هوڏانهن زيارت واقعي خلاف ۽ گم ڪيل بلوچن جي وارثن پاران گورنر هائوس ڪوئيٽا آڏو ڌرڻو 12 ڏينهن کان جاري آهي، وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز، بي اين پي، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، بلوچ وومين فورم ۽ ٻين تنظيمن پاران ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻو هڻندڙن پاران حڪومت کي پيش ڪيل جڊيشل ڪميشن جي قيام سميت ٻيا مطالبا اڃا تائين منظور نه ٿيا، ٻئي پاسي لاپتا ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي ڌيءُ سمي دين بلوچ نجي ٽي وي پروگرام ۾ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته زيارت واقعي ۾ 11 لاپتا ماڻهن  کي قتل ڪرڻ بعد انهن جا لاش ڪوئيٽا آندا ويا، انهن مان ڪيترائي اهي هئا جيڪي گذريل چار يا پنج سالن کان لاپتا هئا، اسان کي خدشو آهي ته آئنده به بلوچ لاپتا ماڻهن کي جعلي مقابلن ۾ نه ماريو وڃي، ان تي اسان جو مطالبو هو ته واقعي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي،هن چيو ته اسان جو گهڻي عرصي کان مطالبو آهي ته جيڪي چچريل لاش ملن ٿا انهن تي تمام گهڻو تشدد ٿيل هوندو آهي، انهن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي ويندي آهي، ظهير بلوچ جو به تشدد ٿيل چچريل لاش مليو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.