ٽنڊو آدم۾ تيز گام جو ٽرڪ سان ٽڪر، جاني نقصان نه ٿيو

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) گذريل رات دير سان ٽنڊوآدم لڳ خداآباد ڦاٽڪ وٽ ٽرڪ ۽ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيزگام ٽرين ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي ۔جنهن کي متبادل ٽريڪ تان گذاريو ويو ۔  اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اشتياق احمد آرائين ۽ ريلوي پوليس چوڪي انچارج اي ايس آء مختيار احمد بلو واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ريلوي ڦاٽڪ تي مقرر گيٽ مين جي موجود نه هجڻ سبب ڦاٽڪ جو گيٽ کليل هو جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو ۔ ٻئي طرف ريلوي اختيارين جو موقف آھي ته ٽرڪ خراب ٿيڻ سبب اهو حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.