ظهير احمد وڏو اعتراف ڪري ورتو، جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر عدالت ۾ دعا زهرا جي مبينا اغوا ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي هن وقت تائين جي جاچ ۾ 16 اپريل تي شبير ۽ ظهير جي ڪراچي ۾ موجودگي رهي.

جاچ آفيسر چيو ته جاچ دوران 14 سال جي دعا زهرا بازياب ٿي، دعا زهرا جو طبي معائنو ڪرائڻ چاهيان ٿو، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

عدالت حڪم ڏنو ته جاچ آفيسر جي طبي معائني جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو وڃي.

پوليس جي اڳڀرائي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 25 جولاءِ تي جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءَ شبير عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي، جوابدار شبير پنهنجي ڀاءَ ظهير سان گڏ دعا زهرا کي وٺي اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار ظهير 16 اپريل تي ڪراچي ۾ هجڻ جي ترديد ڪري رهيو آهي، جوابدار ظهير جي استعمال هيٺ فون نمبر سندس ماءُ جي نالي سان رجسٽرڊ آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدار ظهير جي استعمال هيٺ فون جو سي ڊي آر چيڪ ڪيو آهي، واقعي واري ڏينهن لوڪيشن ڪراچي جي ملي، واقعي واري ڏينهن به جوابدار ظهير جي لوڪيشن نوري آباد تائين ملي، شايد جوابدار پنهنجو موبائل فون بند ڪري ڇڏيو هجي ۽ واٽس ايپ ذريعي يا ڀاءَ شبير جي موبائل سان رابطي ۾ هجي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدار شبير جي فون جو سي ڊي آر چيڪ ڪيو آهي جنهن سان 16 اپريل جي لوڪيشن ڪراچي ۾ ملي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.