وڌندڙ مهانگائي ۽ گهٽ پگهارن خلاف برطانوي شهري روڊن تي نڪري آيا

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ڏينهون ڏينهن بنيادي ضرورت وارين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف برطانوي شهري حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا.

احتجاج ڪندڙن پورٽ لينڊ کان پارليامنٽ اسڪوائر تائين ريلي ڪڍي حڪومتي فيصلن خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .

پرڏيهي خابرو اداري موجب احتجاج ۾ شامل شهرين ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته حڪومت کي فلاحي رٿائن بدران جنگ ختم ڪرڻ گهرجي.

مظاهرن جي قيادت ڪندڙ ٽريڊ يونين ڪانگريس جي اڳواڻن چيو ته جديد تاريخ ۾ ملازمن جي آمدني تمام گهڻي ۽ سخت انداز ۾ متاثر ٿي رهي آهي، بحران اوچتو پيدا ناهي ٿيو، جڏهن ته هڪ ڏهاڪو گذرڻ باوجود ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي.

ٽريڊ يونين ڪانگريس جي اڳواڻن وزيراعظم بورس جانسن تي تنقيد ڪندي چيوته وزيراعظم ڪورونا وبا دوران ملازمن جي پگهارون وڌائڻ جي واعدا ڪيا هئا جيڪي پورا ناهن ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.