غوثپور جو مغوي بازياب نه ٿيو، 10 لک ڀنگ طلب

غوثپور ( رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام قادر شيخ جو رهواسي مغوي رحيم بخش شيخ  ڌاڙيلن وٽ قيد  ڌاڙيل 10 لک ڀنگ طلب نه ڏيڻ تان قتل جي ڌمڪي پوليس به مدد نه ٿي ڪري  .ڳوٺ غلام قادر شيخ جو رهواسي مغوي رحيم بخش شيخ 40  ڏينهن اڳ  نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان رحيم بخش شيخ بازياب نه ٿيو ڌاڙيلن پاران 10 لک ڀنگ طلب مغوي جي وارثن چيو ته 40 ڏينهن کان اسان جو نوجوان ڌاڙيلن وٽ قيد آھي.  ڌاڙيل 10 لک ڀنگ گهري رهيا آھن اسان مسڪين پورهيت  آھيون ڀنگ ڪٿان ڏيون اسان جي نوجوان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو پوليس کي ڏوهارين جي ڄاڻ هجڻ جي باوجود نه پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪري هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جو نوجوان  بازياب نه ٿيو ته اسان مجبور ٿي احتجاجي  ڪنداسين  ڪئي ته اسان جو نوجوان مغوي بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ چيو ته اسان جي ڪچي واري علائقي آپريشن ھلندڙ آھي جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو اسان جي ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.