سنڌين کان جيئڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياءُ ڦريو ويو آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي اڳواڻ ماهه  نور ملاح، عبدالرحمنٰ سمون ۽ هرچند لال پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي عوام کان جيئڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياءُ ڦريو ويو آهي. پنجاب ۽ هندستان جي حڪمرانن ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين تي ڊيم، هائڊرو پاور پلانٽ ۽ هئڊورڪس لڳائي سنڌ جي حصي جو پاڻي بند ڪري ڇڏيوآهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته پاڻي جي خطرناڪ ڏڪار کان بچڻ لاءِ سنڌو درياءَ جو قدرتي وهڪرو بحال ڪري سمنڊ تائين پاڻي جي پهچ کي يقيني بڻائي سنڌ مان پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب طرفان گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن جي تحقيق ڪرڻ لاءِ پاڻي ۽ ماحوليات جي عالمي ماهرن تي مشتمل بين الاقوامي ڪميشن جوڙي وڃي. ان سان گڏ قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت ڪميٽي طرفان گڊو ۽ تونسا جي وچ ۾ پاڻي جي ٿيندڙ چوري متعلق ٺاهيل ڪميشن جي تفصيلي رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي. ان چوري تي ڪا ٻي ڪميشن ٺاهڻ بدران پاڻي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته پنجاب طرفان تونسا ۽ گڊو جي وچ مان به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جون شاهديون ملي چڪيون آهن. ٻي طرف عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي ويجهو ايندي ئي تياريون تيز ٿي ويون آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو عام لوگ اتحاد پاٽي جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس وجيهه الدين احمد، ڪامريڊ امداد قاضي، شيمه ڪرماني سميت ڪراچي جي صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان مختلف شهر جي صحافين، وڪيلن، اديبن، هارين، مزدورن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي ٻين نمائندن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن. هوڏانهن جنگشاهي ۾ پنڊال سجائڻ جو ڪم به شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.