قمبر : باگوديرو بائي پاس جي ڀرسان بيڪري کي اوچتو باه لڳي وئي

قمبر : باگوديرو بائي پاس جي ڀرسان   بيڪري کي اوچتو باه لڳي وئي

قمبر جي باگوديرو بائي پاس جي ڀرسان پنھل گوپانگ جي بسڪيٽ ٺاھيندڙ بيڪري کي اوچتو باه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ميدي جون ٻوريون کنڊ سميت سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو جڏهن ته باه سبب بيڪري جي ڇت پڻ ڊهي پٽ پئجي وئي اھڙي اطلاع تي فائربرگيڊ پھچي باه تي ظابطو آڻي ڀرپاسي گهرن ۽ دڪانن کي سڙڻ کان بچائي ورتو ان سلسلي ۾ بيڪري مالڪ ٻڌايو ته جمع جو ڏهاڙو هجڻ سبب بيڪري بند هئي پاڙي وارن جي اطلاع ڏيڻ تي پھتاسين جيسين تائين پھتاسين ته سموري بيڪري سامان سميت سڙي چڪي هئي باه لڳڻ جو سبب اڃان معلوم نه ٿي سگهيو آهي اسان جو  15 لکن جو نقصان ٿي ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.