”ڪائي ضرورت ناهي“ ڪنگنا جو هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت هڪ انٽرويو دوران هالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي رد عمل ڏنو آهي.

اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هوءَ هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ واري آهي يا جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته ڇا هو ڊيبيو ڪندي؟

هن رد عمل ڏيندي چيو ته اسان وٽ ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ناهي، سڄي دنيا هڪ هنڌ اچي چڪي آهي، ماڻهو مختلف ملڪن مان ڀارت جو رخ ڪن ٿا، هتي ڪم  ڪرڻ پسند ڪريان ٿي.

ڪنگنا هالي ووڊ ۾ ڊيبيو لاءِ دلچسپي نه ڏيکاريندي چيو ته اسان عالمي طرز جون فلمون ٺاهي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.