فلسطيني صدر صحافڻ شيرين اقلاح جي قتل جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو

 

رماله (ويب ڊيسڪ) فلسطيني صدر محمود عباس الجزيرا جي صحافڻ شيرين ابو اقلاح جي قتل جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو.

مارجي ويل صحافڻ جي ياد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي محمود عباس چيو ته الجزيرا جي شيرين ابو اقلاح جي قتل جي مڪمل ذميواري اسرائيلي اختيارين تي لاڳو ٿئي ٿي.

هن چيو ته اسان ان معاملي تي اسرائيل جي گڏيل جاچ کي رد ڪيون ٿا، ڇو ته اسرائيلين هڪ ڏوهه ڪيو آهي، تنهن ڪري انهن تي صفا يقين نٿا ڪري سگهون.

سندس چوڻ هو ته فلسطيني اختياريون اسرائيل جي انهن ڏوهن جي خاتمي لاءِ انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.