معافي ته مون کان وٺڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 9 مئي جي واقعن تي معافي گهرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اسان مظلوم آهيون، اسان ڪنهن کان معافي گهرون؟ معافي ته مون کان گهرڻ گهرجي جو مون کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو.

اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايس پي آر جو بيان فوج کي سياست ۾ ملوث ڪرڻ برابر آهي، 9 مئي جي جوڊيشل انڪوائري ڇو نه پئي ڪئي وڃي؟ منهنجو اڌ ڪٽنب فوج ۾ ۽ اڌ بيوروڪريسي ۾ آهي، منهنجي ڪٽنب جا 2 جرنل شهيد ٿيا، اسان فوج کي پنهنجو سمجهون ٿا، اسان کي فوج سان ڪو مسئلو ناهي.

هن چيو ته مون کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گهلي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو هو؟ جنهن اهو حڪم ڏنو هو اهو ئي 9 مئي جو ذميوار آهي ڇو ته کيس خبر هئي ته رد عمل ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.